راڻو وساڻ

راڻو وساڻ: راڻو وساڻ، حر تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. هن جو اصل ڳوٺ باکوڙو ضلعو سانگھڙ هو. انگريزن جي دؤر ۾ وطن جي آزاديءَ لاءِ هن بغاوت ڪئي، انگريزن خلاف ڪاروايون ڪيائين، مٿس ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا. مرشد جي حڪم موجب پيش پيو، جنهن بعد کيس ست سال ٽيپ ڏئي وطن بدر ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو